ٻارڻ (ذات)

ٻارڻ: هڪ ذات جو نالو، جيڪي راجپوت نسل جا چيا وڃن ٿا ۽ پاڻ کي سما سڏائين ٿا، جيڪي جاتي تعلقي ۾ ڪڇ جي رڻ واريءَ سرحدي ايراضيءَ ۾، گولاڙچي، رڙي ۽ احمد راڄي ايراضيءَ ۾ گهڻي قدر آباد آهن ۽ گل محمد ٻارڻُ هن ذات جو وڏيرو ٿي گذريو آهي. هي ماڻهو جسماني طور سگهارا ڏسبا آهن. سندن گهڻو گذر مال ڌارڻ تي آهي، جن ۾ مينهون، ٻڪريون ۽ ڳائو مال اچي وڃي ٿو. هي پوک به ڪن ٿا. آزاديءَ کان اڳ هن ذات جو سماجي ڳانڍاپو ڪڇ سان گهڻو هوندو هو، جتي سندن ذات جا ماڻهو اڪثريت ۾ رهندا آهن. سندن لباس، کاڌ خوراڪ ۽ عادتون گهڻي ڀاڱي ڪڇين سان ملن ٿيون. ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ هن ذات به لاڙ جي ٻين سرحدي ذاتين، جهڙوڪ ڪيهرن، کهڙن، زؤنرن، نهڙين، منڌرن، پرهياڙن ۽ راڻن وانگر من مستي ڪئي. نيٺ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، انهن سڀني سان گڏ ٻارڻن جو به زور ٽوڙيو. سندن ٻاهريون زور ته ٽُٽي چڪو هو، پر سندن مرڪزي حيثيت ختم نه ٿي سگهي. سندن سردار جو اثر رسوخ ساڳيو رهيو. ٻارڻن ۾ سرداري پشت به پشت هلندي اچي ٿي. هن وقت ٻارڻن جو سردار دائود خان آهي، جيڪو ملير ۾ رهندو آهي. آزاديءَ کان اڳ ڪڇ ۽ سرحدي حصن ۾ ڪافي اثر رسوخ رکندو هو، پر هن وقت سندس وفاداري ملڪ سان آهي. ٻارڻ زميندار به آهن. گهرن ۾ عورتون ڏاس مان فراسيون ٺاهڻ ۽ ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪنديون آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو